احسان عظيم صديقي

احسان عظيم صديقي

احسان عظيم صديقي

احسان عظيم صديقي: مشھور شاعر، اديب، سياسي ۽ سماجي شخصيت احسان عظيم صديقي ولد اوصاف صديقي 12 ڊسمبر 1942ع تي زمانيه (اتر پرديش) ۾ ڄائو. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ پنھنجي والدين سان گڏ هندستان مان لڏي اچي ڪوٽڙي ۾ رهائش پذير ٿيو. هن ڪوٽڙي، ڪراچي ۽ اسلام آباد مان تعليم حاصل ڪئي. سياست جو آغاز ’ٽريڊ يونين‘ ۾ شموليت سان ڪيو، ان کانسواءِ ’سنڌ پوليٽيڪل فرنٽ‘ جو سيڪريٽري، چيئرمين ڪميٽي ’تحريڪ استقلال سنڌ ڪوٽڙي‘ ۽ 65-1964ع ۾ حزب اختلاف ڪوٽڙي فاطمه جناح جي پارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۽ ’الفتح‘ رسالو جاري ڪيو. سنڌي اخبار ‘آفتاب’ جو نمائندو پڻ رهيو. هن جا ننڍي کنڊ جي ڪيترن عالمن، اديبن، سياستدانن ۽ شاعرن سان علمي ادبي دوستاڻا تعلق هئا. 1959ع ۾ ايوب خان جي مارشل لا خلاف فيض احمد فيض، جوش مليح آبادي ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان گڏ احسان عظيم به پاڻ ملھايو. ان کان علاوه سندس ادارت ۾ ماهوار ’ڪوئسٽ فار ناليج‘ رسالو جاري ٿيو، جيڪو ڪيترائي سال پابنديءَ سان ڪوٽڙيءَ مان شايع ٿيندو رهيو. هن 29 مئي 2008ع تي ڪوٽڙي ۾ وفات ڪئي، سندس تدفين ڪوٽڙي جي ٻڍل شاهه قبرستان ۾ ٿي.


لفظ احسان عظيم صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.12.12  عيسوي

مشھور شاعر، اديب، سياسي ۽ سماجي شخصيت احسان عظيم صديقي ولد اوصاف صديقي 12 ڊسمبر 1942ع تي زمانيه (اتر پرديش) ۾ ڄائو.


2008.05.29  عيسوي

احسان عظيم صديقي 29 مئي 2008ع تي ڪوٽڙي ۾ وفات ڪئي، سندس تدفين ڪوٽڙي جي ٻڍل شاهه قبرستان ۾ ٿي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد فاضل شاهه فاضل
دريا خان دولهه
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
اقبال شاهين
حاجي سعدالله سپاهي ابڙو
احسان علي شاهه 1
شيخ محمد محفوظ ٺٽوي
بائرن
راهي رسول بخش
تاجدار عادل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون